اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت کي گهرجي ته هو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پرامن حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. ترجمان چيو ته ايندڙ هفتي سومر ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جي هڪ ڪاري ڏينهن جا 5 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هطرفي ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج پاران ا??ي ڪارروايون ۽ ان جي نتيجي ۾ کنيل قدم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عالمي قانونن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن جي ??لا?? ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي تحت آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاء?? پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ ا??لا??ي حمايت جاري رکندو.
ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب