اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪ??بينا فيض آباد ڌرڻي واقعي جي انڪوائري ڪميشن جي جاچ رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي قرار ڏنو آهي ته انڪوائري ڪميشن پنهنجي ٽرمز آف ريفرنس (ٽي او آرز) موجب ڪم نه ڪيو، ڪابينا ان حوالي سان ڪابينا جي هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان سلسلي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي جڏهن ته وفاقي ڪ??بينا ??اڪ??تاني شهريت رکندڙ ٽن جوابدارن جي حوالگي جي لاءِ ??اڪ??تان حڪومت ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ مفاهمتي ??اد??شت تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪ??بينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪ??بينا جي اجلاس ۾ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي وفاقي ڪ??بينا جي تعزيتي قرارداد منظور ڪئي وئي. وفاقي ڪ??بينا کي اٽارني جنرل آف ??اڪ??تان پاران فيض آباد ڌرڻي واقعي جي انڪوائري ڪميشن جي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا ان رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي قرار ڏنو ته انڪوائري ڪميشن پنهنجي ٽرمز آف ريفرنس (ٽي او آرز) موجب ڪم نه ڪيو. وفاقي ڪ??بينا ان حوالي سان ڪابينا جي هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان سلسلي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وفاقي ڪ??بينا گهرو وزارت جي سفارش تي پبلڪ سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ گوئينگ ڊونگ، چين پاران بلوچستان پوليس کي عطيوڪئي ويندڙ پوليس اوزارن کي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته انهن اوزارن تي فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع تحت فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو هوندي. وفاقي ڪ??بينا هدايت ڪئي ته مستقبل ۾ اهڙي طرح جي سمورن عطين ۽ گرانٽس تي ٽيڪس کان ڇوٽ هوندي. وفاقي ڪ??بينا گهرو وزارت جي سفارش تي ??اڪ??تاني شهريت رکندڙ ٽن جوابدارن جي حوالگي جي حوالي سان ??اڪ??تان حڪومت ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ مفاهمتي ??اد??اشتن تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪ??بينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران نيشنل لائيو اسٽاڪ بريڊنگ پاليسي 2022ع پيش ڪئي وئي. وفاقي ڪ??بينا هدايت ڪئي ته ان پاليسي تي نجي شعبي سان مشاورت کانپوءِ ان کي ٻيهر ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي. وفاقي ڪ??بينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي نيشنل اينيمل هيلٿ، ويلفيئر اينڊ ويٽرنري پبلڪ هيلٿ ايڪٽ 2024ع جي حوالي سان قانونسازي ڪ??ڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ليجسليٽو بابت ڪميٽي ان جو تفصيلي جائزو وٺندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي لاءِ هڪ اعليٰ معيار جي سلاٽر هائوس جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ منصوبي جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وفاقي ڪ??بينا نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي سفارش تي فلسطين جي لاءِ اين ڊي ايم اي پاران امدادي سامان موڪلڻ کانپوءِ ازوقوع/ ايڪس پوسٽ فيڪٽو منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??اڪ??تاني حڪومت هيستائين 931 ٽن جو امدادي سامان 6 هوائي ۽ 2 سامونڊي جهازن ذريعي فلسطين پهچائي چڪي آهي.
وفاقي ڪابينا پاران فيض آباد ڌرڻي واقعي جي انڪوائري ڪميشن جي جاچ رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار، ڪابينا جي هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل