اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ آءِ ??ي جي شعبي جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشيواراڻي مهارتن سان ليس ڪري انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ تي پختو يقين رکان ٿو، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس سميت اسان کي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ??ي جي شعبي ۾ عورتن جي خدمتن جي پذيرائي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خط??ب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته هزارين ڊالر ڪمائيندڙ عورتن جي تقريب ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي آهي، اها انهن جي نمايان ڪاميابي آهي، انهن عورتن جي صلاحيتن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن چي?? ته صنفي امتياز جو خاتمو اولين ترجيح آهي، سعودي عرب ۾ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ 40 سيڪڙو عورتون ڪم ڪن ٿيون. هن چي?? ته ملڪ جي انتهائي باصلاحيت لکين نوجوانن تي ٻڌل ملڪ جي عظيم اثاثي جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولتون ??راهم ڪنداسين، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي پيشيواراڻي تربيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جون ??هارتون ??راهم ڪرڻ تي پختو يقين رکان ٿو، انٽر پرينيورز ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ضروري سيڙپڪاري فراهم ڪئي ويندي. هن چي?? ته فن ٽيڪ جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، ان جو معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، پنهنجو اڪائونٽ ۽ پئسو ڪمايو، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس سميت اسان کي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ گهرجي. ان موقعي تي تقريب کي خط??ب ڪندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چي?? ته مختلف شعبن ۾ عورتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، عورتون ??لڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چي?? ته هڪ پاليسي تحت ملڪ ۾ فائبر آپٽڪ جو ڄارو وڇايو پيو وڃي، شاگردن کي سستي اگهن تي موبائيل ۽ ٽيبليٽس جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، آءِ ??ي جي شعبي ۾ عورتن جي شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن کي سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف آءِ ??ي جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.
ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي ضرورت آهي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشيواراڻي مهارتن سان ليس ڪري انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ تي پختو يقين رکان ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ