اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل چ??لي??جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايراني سفير صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏن??. ه?? چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻنهي جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي، بئنڪنگ تعاون ۽ فضائي ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير وڌيڪ چيو ته پاڪست??ن چاهه بهار – زاهدان ريل روڊ سان وچ ايشيا، يورپ ۽ ترڪيءَ سان واپاري جي لاءِ فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملند??. ه?? ايراني ص??ر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پاران صدر جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado