اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي التوا جو نوٽيس وٺندي چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو اسلام آباد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا آفيسر معطل ڪرڻ ۽ انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو اسلام آباد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن آفيسرن کي معطل ڪري فوري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيرا??ظم حڪومت سنڀاليندي ئي ايف بي آر سڌارن جي جلد ۽ فوري لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ذاتي طور تي ان عمل جي نگراني جو فيصلو ڪيو هو. بيان موجب ٽيڪس ٽربيونلز ۾ اهن وقت حڪومت جي سوين ارب رپين جا ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن، وزيرا??ظم چيف جسٽس آف پاڪستان کان انهن ڪيسز کي جلد اڪلائڻ جي درخواست ڪئي هئي، تازو ئي اسلام آباد ۾ ايف بي آر جي وڪيل پاران عدالت ۾ اهڙي ئي هڪ ڪيس جي تاريخ ۾ دير جي گذارش تي وزيرا??ظم نوٽيس ورتو. بيان موجب وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي واقعي جي انڪوائري جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته قومي خزاني جي سوين ارب رپيا قانوين تڪرارن جي ڪري ڦاٿل آهن، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي لاپرواهي ۽ ڪوتاهي قبول نه ڪندس. پنهنجي عوام سان ڪيل وچن تحت ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. ملڪ ۽ قوم جو هڪ هڪ پئسو بچائڻ ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جي لا??ِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي.
وزيراعظم ٽيڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي التوا جو نوٽيس ورتو، چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو اسلام آباد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا آفيسر معطل ڪري انڪوائري جو حڪم
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ