اسل??م آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مليريا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مليريا ج?? عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن ??يو ته هر سال 25 اپريل تي مليريا ج?? عالمي ڏينهن آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ مليريا ج?? ڪنٽرول ۾ درپيش چئلينجز جو حل ڳولڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو. صدر ??يو ته مليريا ج?? روڪٿام، سُڃاڻپ ۽ علاج ممڪن آهي. هن ??يو ته پاڪستان حڪومت عوام کي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر ??يو ته عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن جو مقصد مليريا ج?? هر مشتبه ڪيس جي جانچ، تصديق ۽ ان جو معياري علاج ڪرڻ آهي. صدر ??يو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته قومي صحت واري وزارت گڏيل يونٽ جي ذريعي مليريا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون آهن. صدر ??يو ته ڪامن مئنيجمينٽ يونٽ مليريا هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. آصف علي زرداري ??يو ته بدقسمتي سان 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ مليريا ج?? ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿيو. صدر ??يو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي ڪري مليريا ج?? روڪٿام جي ڪوششن کي نقصان پهتو، سموريون صوبائي حڪومتن ۽ ٻين ڌرين کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي ان ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿين. هن ??يو ته سموريون ڌريون مليريا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کڻن.
پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز