اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرتگال ۽ ميانمار جي لاءِ پاڪس??ان جي نامزد سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پرتگال جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير ڊاڪٽر محمد خالد اعجاز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪس??ان معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪس??ان جي ڪاروبار دوست ماحول مان ڀرپور فائدو کڻن. صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ پرتگال جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ ??گهه ڏيڻي پوندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پرتگال جو?? ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪس??ان جي تربي?? يافته انساني وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. صدر پرتگال جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميانمار جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير عمران حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪس??ان ۽ ميانمار جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪس??ان ۽ ميانمار جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري شعبي ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. هن چيو ته پاڪس??ان جو قديم ٻڌمت ورثو ٻنهي ملڪن کي سياحتي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ وڌيڪ ويجهو آڻي سگهي ٿو. صدر ميانمار ۾ نامزد سفير جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔