اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ما??ول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين ??ي کوٽائي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي آهي ته پنڪ سالٽ کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ پاڪستاني ??وڻ طور ما??ڪيٽ ڪرڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار کيوڙه ۾ ??وڻ جي کاڻ جي دوري دوران ڪيو. صدر کي پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪاروريسن جي مختلف جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستاني کاڄرو ??وڻ کي قابل قدر مصنوعات ۾ بدلائي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، کاڻين ??ي کوٽائي جي عمل دوران ??وڻ جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ ما??ول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين ??ي کوٽائي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جو راڪ سالٽ موجود آهي، پاڪستاني ??وڻ معياري، گهٽ قيمت ۽ منرلز سان ڀرپور آهي. صدر سالٽ ما??ن جي اندر مختلف سياحتي جاين ??و جائزو ورتو. کيس کيوڙه ۾ موجود ??وڻ جي معيار ۽ مختلف نمڪياتي جزن بابت پڻ ٻڌايو ويو. صدر کيوڙه ??وڻ جي کاڻ ۾ سالٽ لائبريري جو افتتاح ڪيو. هن سالٽ لائبريري ۽ دم جي سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. صدر کيوڙه سالٽ ما??ن ۾ دم سينٽر ۾ علاج هيٺ مريضن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي ايم ڊي صدر کي کيوڙه سالٽ ما??ن مان ??وڻ جي کوٽائي جي مختلف مرحلن بابت ٻڌايو. صدر کي ??وڻ جي کوٽائي جي لاءِ جاري سرگرمين ??ابت پڻ ٻڌايو ويو. هن کيوڙه کاڻ جي تاريخي پس منظر ۾ خصوصي دلچسپي ورتي. صدر مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر پڻ لکيا.
پنڪ سالٽ کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ پاڪستاني لوڻ طور مارڪيٽ ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : números quina hoje