اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جا قطر سان وي??ها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخطر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، نائب امير شيخ عبدالله بن حمد الثاني ۽ وزيرا??ظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جا پنهنجي وزيرا??ظم جي چونڊجڻ تي مبارڪباد وارا پيغام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي قطر سان پنهنجي وي??هي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جيڪا سندس اڳوڻي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي، هاڻي هڪ موثر ۽ نتيجاخيز طريقيڪار طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي اهم شعبن يعني زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. وزيرا??ظم غزه ۾ امن جي ڪوششن ۾ قطر جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ به غزه ۾ تشدد جو سلسلوجاري آهي. وزيرا??ظم آگسٽ 2022ع ۽ مارچ 2023ع ۾ قطر جي پنهنجي سرڪاري دورن جو ذڪر ڪندي قطر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام وي??هي مستقبل ۾ سندس استقبال جي منتظررهندي. قطر جي سفير وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪ??دو.
پاڪستان جا قطر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل