اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ??يجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي جي وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل م??بو?? لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا وڌيڪ م??بو?? بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي ه?? ٻئي بابت خيرسگالي جي جذبن کي م??بو?? اقتصادي رابطن ۾ بدلائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي جي جاين جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ??امزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria