اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ کان م??روم ماڻهن جي لاءِ بريل ۾ ڪتاب ۽ علم جي دستيابي خوش آئنده قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ??رق?? ممڪن آهي. هو نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي ??ريفنگ جي موقعي تي ??طاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجا مظهر حميد فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي ??ريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل بُڪ فائونڊيشن ڊسليڪسيا (پڙهڻ ۾ ڏکيائي) کان م??اثر ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فائونڊيشن ڊسليڪسيا کان م??اثر ماڻهن جي لاءِ ڪتاب تيار ڪري رهي آهي، ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن جي لاءِ پريپ کان اٺين درجي تائين ڪتاب تيار ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي سال 25 – 2024ع ۾ ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن کي ڪتاب ف??اهم ڪيا ويندا، فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ بريل پريس ڏسڻ کان م??روم ماڻهن کي رڳو 10 رپين ۾ ڪتاب ف??اهم ڪري رهي آهي، ڪتابن سان ڏسڻ کان م??روم ٻارن جي تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 431 اسڪولن ۾ پريپ کان اٺين درجي تائين ڏسڻ کان م??روم ٻارن جي لاءِ ڪتاب ف??اهم ڪيا ويندا، نيشنل بُڪ فائونڊيشن بريل ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇاپي رهي آهي، نيشنل بُڪ فائونڊيشن پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪتابن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر ملڪ ۾ خواندگي، ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.
ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی