ا??لا?? آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، نوجوانن جي ص??احيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد انهن جي سرپرستي ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي استاد نثار احمد سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ جي نوجوانن جي ص??احيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد انهن جي سرپرستي ڪندا. هن چيو ته تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ نظم ۽ ضبط جي تربيت انهن جي ڪرداسازي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي، قائداعظم به ايمان ۽ اتحاد سان گڏوگڏ نظم ۽ ضبط جي تلقين ڪئي هئي ڇو ته رڳو هڪ منظم قوم ئي پنهنجي ۽ دنيا جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ