اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي بدترين ٻوڏ درپيش آهي، ملڪ جي ??وڏ کان م??اثر علائقن ۾ متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جو عمل جاري آهي، ريسڪيو ۽ بحالي جي سرگرمين جي ??اءِ عالمي برادري پاڪستان جي ??دد ڪئي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان گڏ شديد متاثر علائقن جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اهڙن خيالن جو اظهار پريس بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪ??ي رهيو آهي، ڀارتي قابض فوج شوپيان ۽ اسلام آباد جي ضلعن ۾ وڌيڪ ٽن م??صوم ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي فوج معصوم ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، والاريل علائقي ۾ ڀارتي جارحيت جي ??ذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته والاريل ڪشمير دنيا جو اهڙو خطو آهي جتي وڏي انگ ۾ ڀارت پنهنجي ??وج مقرر ڪري رک?? آهي ۽ اهڙي طرح ڀارت ڪشمير کي دنيا جو سڀ کان وڏو قيدخانو بڻايو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ هيستائين 670 ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو آهي جن م??ن 150 کي هن سال پهرين جنوري کان هيستائين شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي اظهار راءِ سميت سمورن بنيادي حقن کان م??روم ڪيو پيو وڃي، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ??يادت، نوجوانن، صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اها صورتحال ناقابل قبول آهي، پاڪستان عالمي برادري کان م??البو ڪري ٿو ته اها والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ??ٿان انساني حقن جي سنگين پائمالين کي بند ڪرائي ۽ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي ??اءِ گڏيل قومن جي ??راردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي کي حل ڪرائي. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي ??اءِ 2 ڏينهن جي دوري تي تاشقند ۾ آهي. وزيراعظم ازبڪستان ۾ قيام دوران ايس سي او جي ??يمبر ملڪن مملڪتي سربراهن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽوزرداري، ٻيا وزير ۽ سينيئر عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ پاڪستان جي سرڪاري وفد ۾ شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان م??حولياتي آلودگي نه پکيڙڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين سان سڌوسنئون م??اثر ٿي رهيو آهي، موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي هن وقت بدترين ٻوڏ درپيش آهي، ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سان شديد تباهي ٿي آهي، ٻوڏ متاثرين جي ??دد لاءِ پاڪستان کي دوست ملڪن پاران وڏي انگ ۾ امدادي سامان موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي اداري جي سربراهه پاڪستان جي دوري دوران ٻوڏ کان م??اثر علائقن ۾ وڃي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ملاقات ڪئي، انهن کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثر ماڻهن کي امداد جي ??راهمي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ترجمان چيو ته مختلف ملڪن ٻوڏ کان م??اثر ماڻهن جي امداد لاءِ پاڪستان جي ??راخدلاڻي معاونت ڪئي آهي، هيستائين 100 کان وڌيڪ اڏامن ذريعي امدادي سامان پاڪستان پهتو آهي جيڪو اسان جي ??ارٽنرز ۽ دنيا جي ??ختلف دوست ملڪن موڪليو آهي. ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف برطانوي ملڪه ايلزبيٿ جي ??اڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هن تعزيت جي ??اءِ اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم پنهنجي برطانوي هم منصب کي هڪ خط به لکيو جنهن ۾ برطانوي حڪومت ۽ شاهي خاندان سان تعزيت ڪئي وئي. وزيراعظم ملڪه ايلزبيٿ جي ??اڏاڻي کانپوءِ برطانيا جي شاهه چارلس ٽئين کي شاهي عهدو سنڀالڻ تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ان جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي بدترين ٻوڏ درپيش آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون