اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) و??اق?? وزير احس?? اقبال ??يو آهي ته پاڪستان کي غير معمولي برساتن ۽ـ ٻوڏ جي تباهي درپيش آهي، ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين، عوام کي رليف ۽ بحاليءَ لاءِ قدم کنيا ويندا، گڏيل قومن جي هنگامي اپيل کان پوءِ عالمي برادري مدد ڪندي، نقصانن جو سروي ٿي رهيو ??هي، جنهن کان پوءِ دوست ملڪ اسان جي مدد ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته هي بارشون ماحولياتي تبديليءَ جو نتيجو آهن، ان سال بهار جي موسم ناهي آئي، سياري کان گرمين ۾ داخل ٿي وياسين. هن ??يو ته جن علائقن ۾ برساتون نه ٿينديون هيون اتي 500 ڀيرا وڌيڪ برسات ٿي، جنهن سان انهن علائقن ۾ نقصان ٿيو ۽ تمام وڏي تباهي ڏسڻي پئي، ان قدرتي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ و??اق?? حڪومت سڀني صوبن جي مدد ڪري رهي آهي. هن ??يو ته ترقي يافته ملڪ به ايتري وڏي تباهيءَ کي مُنهن نٿا ڏئي سگهن، زرعي فصل به تباهه ٿي ويا آهن، اڄ پرائيس مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪيو ??هي، ملڪ ۾ هفتيوار قيمتن جو جائزو ورتو ويندو. هن ??يو ته انتظاميه کي ??يو ويو ??هي ته ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. افغانستان ۽ ايران مان بصر ۽ ٽماٽو آمدني واپار ٿي رهيو ??هي، کاڄرو تيل جي قيمت گهٽ ڪنداسين، عالمي مارڪيٽ ۾ گيهه ۽ـ تيل جي قيمت گهٽ ٿي آهي، مل مالڪ فوري طور تي قيمتون گهٽ ڪن. هن ??يو ته خوراڪ جون ضروري شيون آمدني واپار ڪنداسين. سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جو مال ۽ خوراڪ جا ذخيرا تباهه ٿي ويا، سڄي بجيٽ تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون. ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين.
پاڪستان کي غير معمولي برساتن ۽ـ ٻوڏ جي تباهي درپيش آهي، ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado