اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي ??فد تڪاجي جي باني تڪاجي سوجي جي ??يادت ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪارن جي ??يصلي جي آجيان ڪئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد کڻڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪاري کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪر?? جي ??اءِ انتهائي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان حڪومت پاران هر ممڪن مدد فراهم ڪر?? جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena