اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائمنڊ جوبلي جي خ??شين ۽ مبارڪباد جي موقعي تي ”عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان“ جي عنوان سان خصوصي لوگو جاري ڪيو ويو آهي. اهو پاڪستان سان محبت ۽ ان عزم جي تجديد آهي ته اسان جا بهادر ?? عظيم بزرگ ۽ شهيد جنهن عزم سان پاڪستان ٺاهيو هو انهي عزم سان معاشي طور تي ان کي مضبوط ۽ پاڻ تي دارومدار ڪرڻ، فلاحي مملڪت ۽ دفاعي لحاظ کان فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائينداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ان جو مقصد آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو حقيقي مقصد حاصل ٿئي ۽ عوام جي زندگين ۾ اهي آسانيون اچن جنهن جو خواب ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڏٺو هو. معاشي پاڻ تي دارومدار ڪرڻ جي ويزن سان پاڪستان جا نوجوان حقيقي معنيٰ ?? قوم جا معمار بڻجندا. قومي ترقي جا ثمر حاصل ٿيندا. هن چيو ته تعليم، روزگار، ڪاروبار ۽ زندگي جي سڀني شعبن ۾ هر اول دستو بڻجندا، اسان پنهنجي نوجوانن کي فيصلاساز بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ وانگر هڪ اسلامي فلاحي ترقي يافته ۽ معاشي طور تي خ??دمختيار پاڪستان جو خواب سچ ٿي رهندو.
عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان جي عنوان سان خصوصي لوگو جاري ڪيو ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ