اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??مر??ن خان جي بيان جي سخت م??مت ڪندي چيو آهي ته ??مر??ن خان جي تقرير نفرت تي ٻڌل آهي، جيڪا آئين ۽ ملڪ جي خلاف آهي، راءِ جو اظهار نه پر ملڪ کي ورهائڻ ۽ خدا نه ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ دشمن جي زبان آهي، ??مر??ن خان جا بيان آئين جي خلاف آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ??مر??ن خان جا بيان وفاق ت?? حملو آهن، وفاق ت?? حملي جو اعلان، ادارن جي تباهي ۽ ايٽمي پروگرام کسڻ جون ڳالهيون دشمن ڪندو آهي، هن چيو ته ??مر??ن خان جي اهڙي تقرير ٽي وي تي نشر نه ??يڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا ٽڪرا ڪرڻ واري هر زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، ??مر??ن خان جي ملڪ جي خلاف بيانن تي قوم جو رد عمل روڪڻ ممڪن نه ٿيندو، هن چيو ته ??مر??ن صاحب نه فارن فنڊنگ تي ڳالهائي رهيو آهي، سچائي پاڻ سازش ڪرڻ وارن پنهنجي زبان سان ادا ڪئي آهي، مريم اورنگزيب چيو ته ??مر??ن خان جا بيان آئين، ادارن، پاڪستاني فوج ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو آهن. اقتدار نه رهي ته آئين، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن، وفاق ت?? حملو هڪ بيمار ذهن جي عڪاسي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عمران خان جي بيان جي مذمت
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria