اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ع??ان جي وچ ۾ صديون پراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ثقافت، ڀائيچاري ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ع??ان سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ پائيدار اقتصادي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن عماني واپارين جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.
وفد جي قيادت ع??ان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين رضا جمعه محمد علي الصالح ڪري رهيو هو جڏهن ت?? عمان کان پاڪستاني واپاري به ملاقات ۾ ملاقات هئا. ع??ان جي 22 رڪني وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ع??اني وفد ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسيون سياحت جي ترقي، فشريز سيڪٽر، بندرگاهي شهرن ۾ اسٽوريج ۽ ويئر هائوسنگ ۽ گوادر ۾ ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ موزون ماحول فراهم ڪري رهي آهي. وفد ع??ان ۽ پاڪستان جي ساحلي شهرن جي وچ ۾ فيري سروس، سي پيڪ منصوبن، خاص طور تي گوادر جي صنعتڪاري، زرعي شعبي ۽ ع??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زميني ۽ سامونڊي رستن تي مشتمل هڪ مجوزه ڪوريڊور ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي جيڪا وچ اوڀر، وچ ايشيا، آفريقا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا کي ملائيندو ۽ پاڪستان کي ان ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هوندي.
اجلاس کي ڪووڊ وبا جي دوران سمنڊ پار پاڪستانين جي تعاون ۽ ع??ان ۾ پاڪستاني قيدين جي آزادي ۾ سلطنت ع??ان پاران مدد جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل واپار وڌائڻ جي قد??ن تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان نه رڳو ڪووڊ – 19 جي دوران عماني حڪومت ۽ واپاري برادري جو پاڪستانين جي مدد جي آجيان ڪئي پر لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ع??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر احسن، لاڳاپيل عملدار، عماني واپارين جو وفد، ع??ان پاڪستاني ڄاون واپاري ۽ ع??ان ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني واپارين شرڪت ڪئي.