اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان موجب ن??وز?? لينڊ جي پرڏيهي وز??ر ننايا مهوٽا پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان وڊيو لنڪ جي ذريعي رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وز??رن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علا??قا??ي خاص طور تي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وز??ر افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پرڏيهي وز??ر ن??وز?? لينڊ جي پرڏيهي وز??ر کي ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. ن??وز?? لينڊ جي پرڏيهي وز??ر ن??وز?? لينڊ سميت مختلف ملڪن جي شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وز??ر ن??وز??لينڊ جي پرڏيهي وز??ر کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ??وز??ئر عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيا آهن، پرڏيهي وز??ر فيٽف جي حوالي سان پاڪستان پاران کنيل م??ثر قدمن کان ن??وز?? لينڊ جي پرڏيهي وز??ر کي آگاهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ن??وز??لينڊ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وز??ر ن??وز??لينڊ جي پرڏيهي وز??ر سان ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي جي هڪطرفي فيصلي جو معاملو کنيو ۽ چيو ته هن هڪطرفي فيصلي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دل آزاري ٿي. ٻنهي پرڏيهي وز??رن پاڪستان ۽ ن??وز?? لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن