پنڊ ??ادن خان – 28 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان جهلم جي علائقي پنڊ ??ادن خان ۾ نندانه قلعي کي قومي تاريخي ورثي ۾ شامل ڪندي هيريٽيج ٽريل جو افتتاح ڪيو. هيريٽيج ٽريل کي جي ريڊيس جو نالو ڏنو ويو آهي ان ۾ ڪٽاس راج مندر، ملوٽ قلعو، کيوڙه ۾ لوڻ جون کاڻيون ۽ ت??ت بابري شامل آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انهن علائقن جي ترقي سان م??امي آبادي کي معاشي فائدو ٿيندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نندانه قلعي واري جڳهه کي ناليواري سائنسدان ابو ريحان البيروني سان ڳنڍيو وڃي ٿو. هي اها ئي جڳهه آهي جتي ??ن قيام ڪيو ۽ زمين جي پيمائش جي لاءِ تجربا ڪيا. مقامي ماڻهن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پنهنجي تاريخي جاين ۽ قيمتي ??رثي جي حفاظت جو مقصد ايندڙ نسلن کي انهن کان روشناس ڪرائڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ