ڪراچي – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جن جون ڄنگهون ڪمزور هجن اهي هونئن ئي لڏڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا، هر اهو شخص جنهن ۾ ??نڌ جي عوام جو درد آهي ڀلي اهو ڪنهن به پارٽي سان تعلق رکندو هجي، اهو تبديلي چاهي ٿو، پيپلزپارٽي جا سنجيده ماڻهو به تبديلي چاهين ٿا، اسان سان ??نڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن رابطو ڪيو آهي ۽ اهي چئي رهيا آهن ته توهان تبديلي جي لاءِ اڳتي وڌو، تبديلي جو سف?? شروع ٿيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پيپلزپارٽي پاڻ تبديلي آڻي، مراد علي شاهه استعيفيٰ ڏي، نئون وڏو وزير اچي، اسان انهن کي اڳ ۾ موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڀلي توهان ڪ??هه به نه ڪريو جن جون ڄنگهون ڪمزور هجن اهي هونئن ئي گهٻرائڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی