اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وفاقي ??ڪومت ايندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي لاءِ ٽيڪسن ۾ رعايت، عوامي سهولت، زراعت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، بنيادي ڍانچي جي ترقي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ سماجي تحفظ جي قدمن تي ٻڌل 5661 ارب رپين جي ماپي واري وفاقي ??جيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 س??ڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس، هائوس رينٽ سيلنگ ۽ هائوس رينٽ الائونس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي وفاقي ??جيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته اڄ آئون پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ڇهين بجيٽ پيش ڪري رهيو آهيان، پاڪستان جي قوم ۽ پارليامينٽ لاءِ هي هڪ تاريخي ??مح?? آهي،مشڪلاتن جي باوجود اسان جي حڪومت 13 سالن جي بلند ترين واڌويجهه جي شرح، گهٽ سطح تي ناڻي واڌ ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي ان لاءِ پوري قوم ۽ پارليامينٽ مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ هن قوم جو مقدس فرض آهي. اهو پارليامينٽ تي لازمي آهي ته پنهنجي مدي جي خاتمي کان اڳ بجيٽ تي بحث تي ڪري ۽ ان کي منظور ڪري، بجيٽ جي منظوري کانسواءِ حڪومت هڪ ڏينهن به نه ٿي هلي سگهي.
وفاقي حڪومت پاران ايندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي وفاقي بجيٽ پيش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں