اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. امام ڪعبه ڊاڪٽر صالح بن حميد خصوصي دع??ت تي شري?? ٿيو ۽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي لاءِ اها وڏي سعادت آهي جو وزيراعظم مون کي گهرايو ۽ اهو موقعو فر??هم ڪيو ته آئون وفاقي ڪابين?? کي مخاطب ٿي سگهان. آئون وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان ۽ آئون خادم الحرمين شريفين، ولي عهد، سعودي عرب جي عالمن ۽ عوام پاران سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مون کي پاڪستان اچڻ جو ڪيترائي ڀيرا موقعو مليو آهي، آئون پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهان ٿو. امام ڪعبه چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي ۽ مضبوط آهن، پاڪستان سدائين سعودي عرب جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔