قاهره -26 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر ۾ اليڪشن اختيارين صدارتي چونڊ 10 کان 12 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي ميڊيا م??ابق نيشنل اليڪشن اٿارٽي جي چيئرمين ج??ٽس وليد حسن حمزه ٻڌايو ته پولنگ 10، 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ٿيندي، ا??يدوار آڪٽوبر کان درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، ا??يدوارن جي فهرست کي 9 نومبر تي حتمي شڪل ڏني ويندي، چونڊ مهم 29 نومبر تائين ج??ري رهندي ۽ نتيج?? جو اعلان 18 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. اڳوڻي آرمي چيف صدر عبدالفتاح السيسي جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ آهي اڃا تائين پنهنجي اميدواري جو باقاعده اعلان ناهي ڪيو. 68 سال?? جو عبدالفتاح السيسي پهريون ڀيرو 2014ع ۾ صدر چونڊيو هو ۽ وري 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي تائين رڳو ٻن ٻين اميدوارن چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ مخالف ڌر جو سياستدان احمد الطعطاوي شامل آهي. مصر جي سوشل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر فريد زهران به چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 10 کان 12 ڊسمبر تي ٿيندي: نيشنل اليڪشن اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز