اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ا??سا??ي حقن جو عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر تي ملهايو ويو. اهو ڏينهن ا??سا??ي حقن جي عالمي پڌرائي (يو اين ايچ آر) جي سالگره جي موقعي تي ملهايو ويندو آهي. ان تاريخي دستاويز ۾ نسل، رنگ، مذهب، جنس، ٻولي، سياسي يا ٻي راءِ، قومي يا سماجي حقيقت، ملڪيت، پيدائش يا ٻي حيثيت کي هڪ پاسي رکندي انهن حقن کي شامل ??يو ويو آهي جن جو هر شخص، ا??سا??يت طور حقدار آهي. هلندڙ سال ا??سا??ي حقن جي ڏينهن 2024ع جو موضوع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل“ چونڊيو ويو آهي. ا??سا??ي حقن جو ڏينهن 2024ع ٻارن، نوجوانن وچ ۾ ا??سا??ي حقن، تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي ٿو جيڪو ننڍي عمر کان ئي برابري، انصاف ۽ وق??ر جي قدرن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏينهن جو اعلان 10 ڊسمبر 1948ع تي پيرس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??يو هو ۽ ان ۾ پهريون ڀيرو بنيادي ا??سا??ي حقن جو عالمي طور تي تحفظ ??يو ويو هو. ا??سا??ي حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ ا??سا??ي حقن جي تحفظ جي حوالي سان قومي عزم جو ورجاءُ به ??يو ويو.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔