اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان سڄي ملڪ جي بئنڪن جي صدرن ۽ سربراهن ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، نوجوانن جي معاملن واري خاص مع??ون محمد عثمان ڊار ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري هڪ پڌرائي موجب نوجوانن جي معاملن واري خاص مع??ون پاران ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت نوجوانن کي ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ ٽن سالن جي لاءِ سئو ارب رپيا رکيا آهن. ان حوالي سان هيستائي?? 4 لک 70 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن جن جي وقت سر ڇنڊڇاڻ ڪري قرضن جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي.
وزيراعظم عمران خان سان سڄي ملڪ جي بئنڪن جي صدرن ۽ سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے