اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان عالمي اڳواڻن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالم?? مالياتي ادارن جي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزير??عظ?? عمران خان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سان پوري دنيا متاث?? ٿي آهي پر ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردعمل آيو آهي، ترقي يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي وڏي رقم خرچ ڪري صورتحا?? جو مقابلو ڪري رهيا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سرگرميون نه ٿيڻ سان عوام کي بک ۽ س??ت معاشي مسئلا درپيش آهن.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری