اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني صوبن جي رضامندي کانپوءِ ملڪ ۾ تعليمي ادارا 31 مئي تا??ين بند رکڻ، اولين ترجيح طور ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي حفاظتي سام??ن جي فوري فراهمي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا کي سنڌ حڪومت کي گهربل تعاون فراهم ڪرڻ، رليف پيڪيج ۾ صوبائي حڪومتن جي تعاون لاءِ جامع نظام ٺاهڻ، ڪرونا وائرس بابت نيشنل ڪمانڊ سينٽر ۾ صوبن ۽ وف??ق جي نمائندن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ جمعي نماز جي اجتماعن کي محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير اسد عمر، مذهبي معاملن واري وف??قي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا کي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس، وزيرن پاران بريفنگ
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز