ڪراچي – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شمسي توانائي سستو ترين توانائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، پاڪستان ۾ مقامي سطح تي سولر پ??نل تيار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ گهرجي، پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي اسان کي پنهنجي ٻارن کي عالمي حدت جي خطرن جي حوالي سان آگاهه ڪرڻو پوندو، پاڪستاني دنيا ۾ خيرات ڪندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهن. ڪراچي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته شمسي توانائي سان 10 هزار گهرن کي روشن ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، ا??و هڪ خير جو ڪم آهي ۽ ان ۾ دعائون ملن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر