اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اورينج لائين لاهور تي ميٽرو ريل ٽرانزٽ سسٽم لاءِ سيڙپڪاري جي فراهمي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صحيحون ٿيل بين الحڪومتي ڍانچه جاتي معاهدي، ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون لاءِ مختلف رياستن سان ٺاهن ۽ ”شيشي“ ۽ لاڳاپيل مواد جي درآمد تي پابندي سميت 28 ايجنڊا آئٽمز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزي??اع??م محمد نواز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪشمير ۽ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال جي سرف??رس?? رکندي وڏي ايجنڊا غور هيٺ آئي. وزي??اع??م هائوس طرفان جاري بيان موجب ڪابينا سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پيروي ڪندي ذائقي ۽ غير ذائقي شيشي (ٽوبيڪو ۽ ٽوبيڪو فري) ۽ لاڳاپيل شين جي درآمد تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا وزي??اع??م جي عالمي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام ۽ بنا نالي جي ڏيڻ وٺڻ کي باقاعده بنائڻ لاءِ تجويز ڪيل قانون سازي جي به منظوري ڏني.
وفاقي ڪابينا پاران 28 ايجنڊا آئٽمز جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی