انقره- 31 جولاءِ (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته غزه هن وقت دنيا جي سڀ ک??ن وڏي قتل گاهه بڻجي چڪو آهي. ٽي آر ٽي مطابق هن چيو ته اولهه وارن اڳواڻن ۽ تنظيمن جو فرض آهي ته عالمي سلامتي کي يقيني بنائين، ل?? ڀڳ 300 ڏينهن کان ان ظلم ۽ بربريت کي صرف پري کان ڏسي رهيا ??هن. هن چيو ته اسرائيل ظلم ۽ جارحيت ۾ هٽلر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اسرائيل جون جارحاڻيون پاليسيون سڄي خطي کي شديد خطري ۾ وجهي رهيون آهن ۽ هو بنا ڪنهن رڪاوٽ ??ي غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي اڳواڻن کان اسرائي?? جي جاري بربريت کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان کان اڳ گهڻي دير ٿي وڃي، اسان کي هاڻي فوري قدمن جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔