رياض-24 مئي (اي پي پي)حرمين شريفين انتظاميا حج موسم سبب غلاف ڪعبه کي زمين کان ٽي ميٽر مٿي ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب هر سال حج جي ڏينهن ۾ اها رسم اد?? ڪئ?? ويندي آهي ته جئين حج جي موسم دوران غلاف ڪع??ه محفوظ رهي، غلاف ڪعبه کي زمين کان ٽي ميٽر ڪرڻ واري ڪاروائي انتظاميا جي سربراه ۽ اعلي عهديدارن جي موجودگي ۾ ڪئ?? وئي،حرمين انتظاميا موجب غلاف ڪعبه کي بلند ڪرڻ کان پوءِ مخصوص ڪاٽن جي اچي رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويندو آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته حج موسم دوران سڄي دنيا ۾ لکين حج پانڌيئڙا ڀلي پار ايندا آهن جن مان ڪيترائي غلاف ڪعبه ??ي حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي بليڊ يا ڪينچي سان ڪٽيندا آهن، جنهن جي ڪري حج سيزن دوران غلاف ڪعبه کي مٿي ڪيو ويندو آهي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II