واشنگٽن-01 مئي (اي پي پي)آمريڪا چيو آهي ??ه رفح ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جي حوالي سان سندس خدشا ختم ناهن ٿيا، اسان فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ بابت پُرعزم آهيون. العربيه ارد?? مطابق اها ڳالهه آمريڪي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسائيل ڏکڻ غزه پٽيءَ جي شهر رفح ۾ فوجي آپريشن جي حوالي سان ڪو قابل اعتماد منصوبو سامهون نه آڻي سگهيو. پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن به اسرائيلي عملدارن سان ملاقات دوران فوري جنگبندي معاهدي تائين پهچڻ ۽ يرغمالين جي رهائيءَ جي عزم جو ??ظه??ر ڪيو آهي. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير گذريل ڏينهن ايريز (بيت حانون) ڪرانسگ ذريعي غزه پٽيءَ ويندڙ پ??رين اران جي امدادي ٽرڪن واري قافلي جو مشاهدو ڪيو. واضح رهي ??ه ان کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ان عزم جو ??ظه??ر ڪيو هو ته رفح شهر ۾ بيگهر ٿيل 10 لک کان وڌيڪ فلسطينين جي مستقبل بابت عالمي ڳڻتيءَ باوجود فوجي ڪارروائي جاري رکندا.
رفح ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جي حوالي سان اسان جا خدشا ختم ناهن ٿيا، فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ بابت پُرعزم آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria