اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ معيشت، توانائي، موٽر ويز سميت عو??مي خدمت جي هر منصوبي تي محمد نواز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مهر لڳل آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين خدمت ۽ شرافت جي سياست ڪئي، اسان جو مقابلو ان پارٽي آهي جيڪا گاريون، الزام بازي جي سياست ڪندي آهي، پاڪستان جي عو??م الزام بازي جي سياست ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، 2018ع جي اليڪشن ۾ پاڪستان جي عو??م 2013ع کان وڌيڪ ووٽ ڏئي ٻيهر پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف کي ڪامياب ڪرائيندي، ايندڙ اليڪشن ۾ ڪنهن ٻي جو نه پر پاڪستان جي عو??م جو ئي في??لو هلندو. هو ڪهوٽا جي علائقي نڙهه ۾ عام جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا