اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پانامه پيپرز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪارروائي جي آغاز لاءِ کلي دل سان آجيان ڪندي چ??و آهي ته پانامه پيپرز جو معاملو هاڻي اليڪشن ڪميشن، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي سامهون آندو و??و آهي، آئون آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني ۽ مڪمل شفافيت تي پختو يقين رکان ٿو، وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس ??رفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاناما رپورٽس جي آغاز کان ئي اپوزيشن جي ڪنهن به مطالبي کان پهرين هن سپريم ڪورٽ جي معزز رٽائرڊ ججن تي مشتمل ڪميش?? جو اعلان انهي جذبي سان ڪيو هو ته شفاف تحقيق جي ذريعي اصل حقيقتون عوام جي سامهون اچن. ان جي جواب ۾ واحد مطالبو هي سامهون آيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ حاضر سروس ججن تي مشتمل ڪميش?? جوڙيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil