اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حڪومتي اتحادين سميت پاڪستان پي??لز??ارٽي جي 26 هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪابينا ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي حلف جي پاسداري ڪندي ملڪي مفاد ۾ ??يص??و ڪيو آهي. آچر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير 26 هين آئيني ترميم تي ٻيهر تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا حڪومتي اتحادين سميت پاڪستان پي??لز??ارٽي جي 26 هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ ملڪي حالتن جي بهتري لاءِ ڪابينا بهترين ??يص??و ڪيو. پوري قوم کي 26 هين آئيني ترميم جي ڪابينا مان منظوري تي مبارڪ هجي. هن چيو ته ڪابينا ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي حلف جي پاسداري ڪندي ملڪي وسيع مفاد ۾ ??يص??و ڪيو. الله جي فضل ۽ ڪرم س??ن ملڪي معيشت جي استحڪام کانپوءِ ملڪ جي آئيني استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ هڪ سنگ ميل عبور ٿيو. عوام س??ن ڪيل پنهنجي واعدي موجب ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ محنت جاري رکنداسين. هن اتحادي پارٽين جي سربراهن جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم، پاڪستان پي??لز??ارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، گهرو وزير محسن رضا نقوي، راڻا ثناءُ الله ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي عطا الله تارڙ جي ڪوششن کي ساراهيو.
وفاقي ڪابينا حڪومتي اتحادين سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي 26 هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا