اسلام ??با??-26 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار ??ياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن جن کي ڪتب آڻي ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا کي به هٿي ڏئي سگهجي ٿي، سياحت نه رڳو معيشت کي هٿي وٺرائي ٿي پر مختلف ثقافتن وچ ۾ هم آه??گي ۽ سهڪار کي به مضبوطي ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي ملڪ جي سياحن لاءِ گهري دلچسپيءَ جو سبب آهي، سياحت جي ترقي سان نه صرف معيشت مستحڪم ٿيندي پر پاڪستا?? جي عالمي سطح تي مثبت سُڃاڻپ اجاگر ٿيندي، ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ملندي ۽ هڪ بهتر ۽ پُرامن مستقبل لاءِ راهون هموار ٿينديون. اسپيڪر اهڙن خيالن جو اظهار ??ياحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 27 سيپٽمبر تي گڏيل قوم?? جي انتظام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر پاڪستا?? جي اسٽريٽجڪ اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي حوالي سان هڪ مُک حيثيت رکندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهب?? جي مڃيندڙن کي پاڪستان ۾ سندن تاريخي ۽ مذهبي ماڳن تي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته مختلف مذهب?? جي زائرين لاءِ ويزا جي خدمتن کي آسان بڻايو پيو وڃي ۽ ا?? جي سفر کي آسان ۽ خوشگوار ??ڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃ?? جيڪي مذهبي هم آه??گي ۽ بين المذاهب احترام لاءِ اسا?? جي وابستگي جو مظهر آهن. هن وادي ڪيلاش جي منفرد ثقافت ۽ گنڌارا تهذيب جي ورثي جو ذڪر به ڪيو جيڪو سڄي دنيا جي سياحن کي پنهنجي طرف مائل ڪري ٿو. اسپيڪر چيو ته حڪومت سياحت ذريعي بين المذاهب هم آهنگي، سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽ?? جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي جي تحفظ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر پاڪستا?? جي وڻندڙ قدرتي منظرن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جا اُتريان علائقا، حسين واديون، برف سان ڍڪيل پهاڙ، گليشيئرز، صاف پاڻي جا ذخيرا، وسيع ريگستان ۽ خوبصورت سامونڊي پٽي سياحن لاءِ جنت کان گهٽ ناهي. اسپيڪر، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي سياحت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر سياحت کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ان سان روزگار ??ي موقعن ۾ واڌ ٿيندي ۽ مقامي ماڻه?? جي پائيدار ??رقي ممڪن ٿيندي، پاڪستا?? جي ثقافتي ورثي کي هٿي ملندي ۽ ملڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو.
پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي دنيا جي سياحن لاءِ وڏي دلچسپيءَ جو سبب آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena