اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار نجڪاري ڪم??شن سان او جي ڊي سي ايل جي شيئرز جي منتقلي بابت ڪابينا ڪم??ٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زير، ايس اي سي پي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪم??ٽي او جي ڊي سي ايل جي شيئرز جي سوورين ويلٿ فنڊ ۾ منتقلي ۽ فند جي جلد آپريشنلائيزيشن جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سوورين ويلٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت تجويز ڪيل ايڊوائيزري ڪم??ٽي ايڪٽ تحت مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ فنانس، معاشيات يا ٻين لاڳاپيل شعبن جي اهم ماهرن تي ٻڌل هوندي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados