اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چيني شهرين کي مفت ويزا جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي 14 آگسٽ کان عملدرآمد ٿي??دو، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، گڏيل منصوبن جي ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان منتقلي لاڀائتي ثابت ٿي??دي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 12 رڪني اعليٰ سطحي چيني وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وانگ فو??ان?? جي قيادت ۾ وز??را??ظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد او??نگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وز??را??ظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيني وفد سان ڳالهائيندي وز??را??ظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ توهان جي آجيان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، يقين آهي ته توهان جو دورو انتهائي لاڀائتو ثابت ٿي??دو، چيني قيادت سان ملاقاتن جي نتيجي ۾ اعليٰ سطح جا وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. وز??را??ظم چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ صنعت، زراعت ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ تعاون وڌندو، ٻنهي ملڪن ۾ کاڻين جي کوٽائي، معدنيات ۽ آءِ ٽي ۾ به تعاون کي فروغ ملندو. وز??را??ظم چيو ته چيني وفد جي دوري سان سيڙپڪاري کي فروغ ملندو، اسان چين جي ترقي جي ماڊل تي پنهنجي معيشت جو فروغ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعتي تعاون وقت جي گهرج آهي، گڏيل منصوبن جي ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان منتقلي فائديمند ثابت ٿي??دي، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن. وز??را??ظم چيني وفد کي آگاهه ڪيو ته ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ چيني شهرين کي مفت ويزا فراهمي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان فيصلي تي عملدرآمد 14 آگسٽ کان ٿي??دو. وز??را??ظم وفد سان بشام واقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن. وز??را??ظم چيو ته چين پاڪستان دوستي جبلن کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، چين جي تعاون سان پاڪستان پنهنجو سيٽلائيٽ فضا ۾ موڪليو آهي، ٻنهي ملڪن جي دوستي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي. چيني وفد وز??را??ظم جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چيني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وز??را??ظم چيني قيادت صدر شي جن پنگ ۽ وز??را??ظم لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو.
پاڪستان چيني شهرين کي مفت ويزا جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي 14 آگسٽ کان عملدرآمد ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ