اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي واري و??اق?? وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي سال جي و??اق?? بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پنجن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، هن وقت جي ڊي پي ??ي شرح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو شرح جٽادار ناهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي وار?? وزير چيو ته نئين مالي سال جي و??اق?? بجيٽ ۾ ٽيڪس جي بنياد کي وس??ع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي، ملڪ ۾ هن وقت جي ڊي پي ??ي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 10 سيڪڙو جي ويجهو آهي جيڪا پائيدار ناهي، ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ جي ڊي پي ??ي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. غير دستاويزي معيشت جو خاتمو به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل اڳتي وڌايو پيو وڃي، ان سان ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ٿيندو پر شفافيت پڻ ايندي. ناڻي وار?? وزير چيو ته وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي گهٽ ٽيڪس لڳايو ويو آهي، نان فائلرز لاءِ ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس جي شرح ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ان شرح کي 45 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آهي، اسان کي نان فائلرز جي سبب کي هن ملڪ مان ختم ڪرڻو پوندو، بجيٽ ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. ناڻي وار?? وزير چيو ته هي اهي پنج بنيادي اصول آهن جن جي بنياد تي بجيٽ ترتيب ڏنو ويو آهي.
وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پنجن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو شرح جٽادار ناهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل