اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يد يوسف رض?? گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال ناصر خان کي ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الحمدالله! اڄ سينيٽ ۾ به جمهوري عمل مڪمل ٿي ويو آهي. هن ??يو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ پاڪستاني عوام جي اعتماد جو عڪاس آهي. هن ??يو ته سيد يوسف رض?? گيلاني ۽ سيدال ناصر خان تجربيڪار سياستدان آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاق جي اڪائين جي مضبوط ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو اهم ڪردار آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سيد يوسف رض?? گيلاني ۽ سيدال ناصر خان آئين جي سربلندي ۽ ملڪ?? ترقي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندا رهندا.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil