اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن متفقا طور سني اتحاد ڪونسل ج?? صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي ج?? صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي د??خواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان چيئرمين سڪندر سلطان راجا ۽ چئني مي??برن طرفان متفقا طور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 8 فيبروري تي ٿي چڪيون آهن ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويون هجن ته عام چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ان جي چونڊ ڪرڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن پهرين مارچ ت?? صدر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي اليڪشن ٿي رهيو آهي. ان جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طرفان چون?? ڪالج مڪمل نه هجڻ جي موقف سان چونڊ ملتوي ڪرڻ جي د??خواست ڏني وئي جڏهن ته هن طرفان چون?? ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو، هن وقت ??ومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليون فعال آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ پڻ ٿي چڪي آهي. ان ڪري اليڪشن ڪميشن متفقا طور تي محمود خان اچڪزئي طرفان صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي د??خواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ