اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان پُختي عزم جو ورجاءُ ??يو آهي ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائق??ئي سالميت قطعي طور تي فتح نه ٿيڻ جوڳي ۽ مقدس آهي ۽ ڪنهن به پاران ڪنهن به بهاني ان کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش جو رياست پاران پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجوده ڪيترن ئي مواصلاتي ذريعن کي علائق??ئي امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفاد ۾ هڪ ٻئي جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ قومي سلامتي جي معاملن تي غور ??يو ويو. فورم صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ غيرقانوني خلاف ورزي جي جواب ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي، متعين ۽ متناسب ردعمل کي ساراهيو. اجلاس دوران شرڪت ڪن??ڙن کي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجوده صورتحال ۽ خطي ۾ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي ان جي اثرن جي حوالي سان سياسي ۽ س??ار??ي اڳڀر??ئي کان آگاهه ??يو ويو. فورم ”آپريشن مرگ بر سرمچار“ جو پڻ جائزو ورتو جنهن کي ايران جي اندر حڪومتي عملداري کان ٻاهر جاين تي رهندڙ پاڪستاني ڄاون بلوچ دهشتگردن جي خلاف ڪاميابي سان سرانجام ڏنو ويو. سرحدن جي تازه ت??ين صورتحال ۽ قومي خودمختياري جي وڌيڪ خلاف ورزي جو ٺوس جواب ڏيڻ جي لاءِ ضروري مڪمل تيا??ين بابت پن غور ??يو ويو. فورم ان اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ??يو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائق??ئي سالميت قطعي طور تي فتح نه ٿيڻ جوڳي ۽ مقدس آهي ۽ ڪنهن به پاران ڪنهن به بهاني ان کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش جو رياست پاران پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ??يو ويو ته پاڪستاني عوام جي سالامتي ۽ تحفظ انته??ئي اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي. فورم ان ڳالهه جو اظهار ??يو ته ايران هڪ پاڙيسري ۽ ڀائر مسلمان ملڪ هجڻ جي ناطي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڪيترن ئي مواصلاتي ذريعن کي علائق??ئي امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفاد ۾ هڪ ٻئي جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. اجلاس گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي اصولن موجب سمورن ملڪن جي خودمختياري ۽ علائق??ئي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو ورجاءُ پڻ ??يو ته هر قسم جي دهشتگردي کي هٿي سان منهن ڏنو ويندو. فورم ان ڳالهه کي پڻ اجاگر ??يو ته پاڪستان کي دهشتگردي جي ان لعنت سان ڪنهن به ٻئي ملڪ کان ڪيتر??ئي ڀيرا وڌيڪ نقصان پهتو آهي. اجلاس ۾ ان عزم جو پڻ ورجاءُ ??يو ويو ته سـٺي پاڙيسريت جي لاڳاپن جي عالمي اصولن موجب ٻئي ملڪ گڏيل طور تي ڳالهه ٻولهه ۽ س??ار??ڪاري جي ذريعي معمولي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهندا ۽ پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي راهه هموار ڪن??ا. اجلاس ۾ دفاع واري نگران وفاقي وزير، پرڏيهي معاملن واري نگران وفاقي وزير، ناڻي ۽ اطلاعات وارن نگران وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف نيول اسٽاف ۽ چيف آف ايئر اسٽاف کانسواءِ انٽيلي جنس ايجنسين جي سربراهن شرڪت ڪئي.
پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت مقدس آهي، مُلڪي سالميت کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش جو رياست پاران پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو: قومي سلامتي ڪميٽي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ