اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ پاڪستان جي ??فا??تخاني ۾ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ رشين فيڊريشن ۾ پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي، روس ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ ??فا??تخاني جي عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪنڊ سيڪريٽري محمد طيب ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري ڊ??ڪٽ?? جيٺا نند ترتيبوار صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جا پيغام پڙهي ٻڌايا. ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشميري عوام جي مزاحمت جي حوالي سان هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ آزادي جي جدوجهد جي تصويري نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر