اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ??ي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا، سياسي مشاورت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشنن جي باقاعده انعقاد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻن??ي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اردن ?? پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) محمد اجمل اقبال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اردن ?? پاڪستان جو سفير واپار، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ ??ي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ اردن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان اردن سان واپاري، اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ اردن هڪ ٻئي ??ي لاءِ گرمجوشي رکن ٿا ۽ گڏيل خيال رکندڙ آهن. صدر سماجي، سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ ??ي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اسلامي دنيا خاص طور تي فلسطين ۽ اسلامو فوبيا بابت مختلف معاملن تي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ نظرين جي هڪجهڙائي کي ساراهيو. صدر مختلف مسئلن تي ٻين مسلمان ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔