نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سميت ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي، ان مقصد جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي، موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جهڙن شديد متاثر ملڪن جي فنانسنگ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري. هو نيويارڪ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ??سا?? 18 سيپٽمبر کان هن د??ري تي آهيون، ان د??ران نگران وزيراعظم اعليٰ سطحي ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون، اهڙي طر?? مون نگران پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پنهنجي پرڏيهي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن معاملن کانسواءِ علائقائي ۽ اهم عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ??سا?? پاڪستان ۾ اقتصادي صورتحال جي بهتري سميت واپار ۽ ترقي بابت قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ??سا?? وزارتي سطح تي پڻ ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪيو جنهن ۾ هن علائقائي صورتحال، افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي بابت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. هن امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان پڻ دنيا کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڪمزور ملڪن ??ي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ??سا?? اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ عملدرآمد جو مڪينزم جوڙيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن ملڪ ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ مالي نقصانن بابت پڻ آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ??سا?? او آءِ سي جي ڪشمير ۽ فلسطين بابت گروپس جي اجلاسن کانسواءِ ٻين اهم فورمز ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. ??سا?? خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ڪوششن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته ??سا?? مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ فلسطين جي مسئلي جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ??سا?? ڀارت سان امن چاهيون ٿا پر ان جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل لازمي آهي. ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ملڪن ۾ اهڙي طر?? جي ڪاررواين ۾ سدائين ملوث رهيو آهي. هاڻي ڪئناڊا ۾ اهڙي طر?? جي ڪارروائي سان ڀارت دنيا ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان بي نقاب ٿي ويو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان مان ٻين ملڪن جي خلاف ڪاررواين جي روڪٿام بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ انهن پاران افغان سرزمين د??شتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سميت ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ