اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 16 مئي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ۽ راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي ??وري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، گهرو وزارت ۽ ضلعي انتظاميا ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي ??قيني بڻائي ۽ ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان ا??ڪشن ورتو وڃي، وزيراعظم چيو ته ايران سان گهٽ لاڳت بجلي جي درآمد سان بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، ”روڊ ٽو مڪه“ منصوبي سان پاڪستاني حاجين کي بهترين سهولتون ملنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن کي ايران جي دوري تي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪندي وزيراعظم انهن کي ??نهنجي گذريل ڏينهن جي پاڪ ايران سرحد جي دوري بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايراني صدر جي ذاتي دلچسپي ۽ وزيراعظم جي ذاتي نگراني ۾ ايران کان 100 ميگاواٽ سستي بجلي جي درآمد جو منصوبو گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيو جيڪو وڏي عرصي کان ا??توا جو شڪار هو، ان منصوبي سان ڏکڻ بلوچستان خاص طور تي گوادر ۾ بجلي جي پهچ يقيني بڻائي وئي آهي، ان منصوبي سان بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، اهڙي طرح ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جو پڻ افتتاح ڪيو جنهن سان پاڪ ايران سرحد جي ٻنهي طرفن جي رهواسين جي لاءِ ڪاروبار ۽ روزگار جا نوان موقعا ميسر ٿيندا ۽ ترقي جو نئون سفر شروع ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ايراني صدر پاڪ ايران واپار جي گڏيل فروغ ۾ پڻ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ شمسي توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايران جو دورو ڪندو ته جيئن ا??هن معاملن تي ٺوس اڳڀرائي ٿئي. وزيراع??م ڪابينا ميمبرن کي ??ڌايو ته ٻنهي ملڪن 900 ميل ڊگهي سرحد تي سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ۽ سيڪيورٽي جي نظام کي ??ڌيڪ بهتر بڻائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ايراني صدر کي ??اڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪئي. وزيراع??م ڪابينا ميمبرن کي سعودي عرب سان اڱاري ڏينهن صحيحون ڪيل ”روڊ ٽو مڪه“ معاهدي جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستاني حاجين جو وڏو انگ فائدو کڻي سگهندو. ان معاهدي تحت اسلام آباد ايئرپورٽ تان 26143 پاڪستاني حاجين جي اميگريشن جو عمل اسلام آباد ايئرپورٽ تي ئي ٿيندو ۽ اهي سعودي ايئرپورٽ تي ڊگهي انتظار کان بچي ويندا. ان معاهدي تي عملدرآمد ڪالهه کان شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ان ا??يد جو اظهار ڪيو ته سعودي حڪومت جي معاونت سان ا??ندڙ سال لاهور ۽ ڪراچي کان به ويندڙ حاجين کي اها سهولت ملي سگهندي. وزيراعظم چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي ??وري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اٽڪل 11 سيڪڙو گهٽتائي جي تناسب سان ڪراين ۽ ضرورت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته گهرو وزارت ۽ سڄي ملڪ ۾ ضلعي انتظاميا ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائي، ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان ا??ڪشن کنيو وڃي. وفاقي ڪابينا راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان نئين ٽربيونل تي ڪي اضافي خرچ ٿيندا پر موجوده احتساب عدالت نمبر 4 کي انشورنس ٽربيونل ۾ تبديل ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 مئي 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.
وفاقي ڪابينا جي 16 مئي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ۽ راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري، وزيراعظم پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي فوري طور تي عوام تائين پهچائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔