لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته بادشاهه چارلس ۽ برطانيا جي وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ۾ نئين بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريبن جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري تقريبن جي لاءِ شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي شخصيتن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ برطانيا جي فراخدلاڻي مدد کي پڻ ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا. هن تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان ??لسلي ۾ وزيراعظم هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي سربراهي ٻنهي ملڪن جا سربراهه ڪن. بادشاهه چارلس ٽي ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سنڪ پڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار ج?? حوالي سان ??رطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ??ي ساراهيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania