اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا انڊسٽري ۾ رونما ٿيندڙ تبديليون ان ڳالهه جون گهرجائو آهن ته اطلاعا?? واري وزارت جا آفيسر جديد دور جي ميڊيا چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ 32 هين مڊڪيريئر مينيجمينٽ ڪورس ڊومين اسپيسيفڪ تربيتي پروگرام جي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ اطلاعا?? واري وزارت جي مختلف ادارن جي سربراهن ۽ زير تربيت آفيسرن کانسواءِ ميڊيا ماهرن ۽ اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسر صاحبان شرڪت ڪئي. اطلاعا?? واري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا انڊسٽري تيزي سان وڌي ويجهي رهي آهي، خاص طور تي سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا عام ماڻهن تائين اطلاعن جي پهچ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اطلاعا?? واري وزارت جا آفيسر محنت سان ڪم ڪندا پيا اچن تنهن هوندي به ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته وزارت جا آفيسر سمورا ضروري تربيتي ڪورسز ۾ خوشي سان شريڪ ٿين ڇو ته اهي ئي ڪورس انهن جي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪندا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته هڪ مهيني جي ان تربيتي پروگرام ۾ آفيسرن کي ميڊيا قانونن ۽ انتظامي معاملن ۾ دسترس سان گڏوگڏ ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي سمورن ضروري معاملن بابت آگاهي ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ ماهرن جون خدمتون ??اص?? ڪيون ويون. ڊائريڪٽر انفارميشن سروس اڪيڊمي غزاله ام??ري?? تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ڪورس جي انعقاد جي باري ۾ تفصيلي ??ري??نگ ڏني، تقريب جي آخر ۾ ڪورس ۾ شريڪ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سندون ۽ شيلڊ ورهايون ويون.
اطلاعات واري وزارت جا آفيسر جديد دور جي ميڊيا چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ