اسلام آبا?? – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عمل ڪندي حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. اين سي او سي جي 500 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اڄ اين سي او سي جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان ڪورونا جي چوٿين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آه??، اڄ اسان وٽ ڪورونا وائرس جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آه??. سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، اسان ڪورونا وبا جو به مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگ??يا پئي. هن چيو ته ڪورونا جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون اين سي او سي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ دلچسپي جي ڪري ممڪن ٿيون آه?? جنهن تي اين سي او سي جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
اين سي او سي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج